سنڌ منهنجي نظر ۾

سنڌ منهنجي نظر ۾

سنڌ منهنجي نظر ۾

سنڌ منهنجي نظر ۾ (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌ جي فتح وقت، سنڌ جو مشاهدو ڪندڙ، هڪ رنگين مزاج انگريز سياح رچرڊ ايف. برٽن جي يادگيرين تي مشتمل ڪتاب Sindh Re-Visited جي ٻن ڀاڱن جو سنڌي ترجمو آهي، جيڪو نامور مترجم عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي. ڪتاب 31 بابن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ پنهنجي بمبئيءَ ۾ آمد، پاڻيءَ رستي ڪيل سفر، سنڌ جي قديم ۽ جديد شهر ڪراچي، ڪراچيءَ ۾ ائنگلو انڊين فوج جي ڇانوڻي، ڪلفٽن، گِزري، بندر ۽ واڳن واري تلاءَ (منگهي پير)، ڪراچيءَ کان روانگي، ڀنڀور جي ڏندڪٿا، ٺٽي ۽ آسپاس جي ٽڪرين، قديم دور ۾ ٺٽي جي فتح، ماموئي فقيرن جي بيتن، سونڊن ۽ جهرڪن جي ٻڌ يادگار، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد ويندڙ رستن، حيدرآباد جي قلعي ۽ مقبرن، سنڌو درياهه، سنڌي ماڻهن جي خوبين ۽ خاصيتن، سنڌي عورت جي شخصيت ۽ لباس، حيدرآباد کان روانگي، مياڻيءَ جي جنگ جي يادگيرين، ڦليلي، ٻروچن جي دعوت، لڪي، سيوهڻ، سڪندر جي فوجي ڇانوڻي، منڇر ڍنڍ، سکر، بکر، روهڙي، شڪارپور، سبي/ سيوي، سنڌوءَ وسيلي ڪوٽڙي واپسي- ريلوي ذريعي ڪراچي واپسيءَ جون يادگيريون وغيره بيان ڪيون آهن.
ڊيمي سائيز جي 605 صفحن ۽ پڪي جلد سان هي ڪتاب، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 2012ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو